Download

Key Points to Consider Before Designing a Logo

ھي پوسٽ پروفيشنل لوگو ڊزائين ڪندڙ يا ڊزائين ڪرائيندڙ ٻنھي لاءِ آھي، توهان جو لوگو توهان جي برانڊ جي سڃاڻپ جو پهريون قدم آهي. لوگو ٺاهڻ يا ٺھرائڻ کان اڳ هيٺين اهم نقطن تي غور ڪرڻ لازم آھي.

1.      برانڊ، ڪمپني يا اداري جو نالو ۽ مقصد:

پنھنجي برانڊ، ڪمپني يا اداري جو نالو ۽ ان جو مقصد واضح  ۽ ان جو مختصر تعارف پيش ڪريو، جنھن سان خبر پئي تہ لوگو ڇا جي باري ۾ آھي.

2.      ٽارگيٽ آڊينس:

برانڊ، ڪمپني يا اداري جو لوگو ٺھرائڻ کان اڳ اھو واضح ڪرڻ لازم آھي تہ لوگو ڪنھن خاص عمر واري لاءِ يا جنس مطلب عورتن، مردن، ٻارن يا سڀنين لاءِ آھي.

3.      لوگو جا قسم:

لوگو جا 7 قسم آھن، لوگو ٺاھڻ يا ٺھرائڻ کان اڳ ۾ اھو طئي ڪرڻ لازمي آھي تہ لوگو ڪھڙي قسم جو ھجي.

1.       Mascots Logo: اھڙو لوگو جيڪو ڪردار تي ٻڌل ھوندو آھي، جھڙوڪ: ڪارٽون، جانور يا انساني خاڪو وغيرہ. جيڪو برانڊ، ڪمپني يا اداري کي ھڪ مزيدار ۽ شاندار سڃاڻپ ڏئي ٿو.

2.       Emblem Logo: اھڙو لوگو جيڪو لکت (ٽيڪسٽ) يا نشان کي گڏ ڪري ھڪ شڪل ۾ پيش ڪيو ويندو آھي، اھو عام طور تي گول، شيلڊ يا مخصوص قسم جي فريم ۾ تيار ڪيو ويندو آھي.

3.       Pictorial Logo: اھڙو لوگو جيڪي لکت کان بغير ڪنھن مخصوص تصوير يا نشاني ذريعي نمائندگي ڪندو ھجي. جيڪو سادو، يادگار ۽ جلدي سڃاڻپ لاءِ ھوندو آھي. جيئن ايپل، پي ايس او وغيرہ.

4.       Lettermark Logo: اھڙو لوگو جيڪو ڪمپني يا برانڊ جي شروعاتي اکرن تي مشتمل ھوندو آھي. جيڪو سادو، صاف ۽ سڃاڻپ لاءِ سولو ھوندو آھي. اھو خاص طور تي انھن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي، جن برانڊ يا ڪمپنين جا نالا ڊگھا ھوندا آھن.

5.       Wordrmark Logo: ھي لوگو صرف نالي يا لکت تي ٻڌل ھوندو آھي. ھي خاص طور تي انھن برانڊ يا ڪمپنين لاءِ آھي، جنھن جو نالو مختصر ھوندو آھي. ھن لوگو ۾ نالو منفرد فانٽ ۽ انداز ڊزائين ڪيو ويندو آھي. جنھن سان ان برانڊ يا ڪمپني جي سڃاڻپ ٿئي.

6.       Abstract Logo: اھڙو لوگو جيڪو غير واضح شڪل يا ڊزائين تي ٻڌل ھوندو آھي، جيڪو ڪنھن مخصوص شيءَ يا تصوير سان سڌو سنئون تعلق نہ رکندو آھي. اھو لوگو تخليقي ۽ منفرد شڪلين تي ھوندو آھي.

7.       Combination Mark Logo: اھڙو لوگو جنھن ۾ ڪمپني يا برانڊ جو نالو ۽ نشاني گڏ شامل ھوندا آھن. انھيءَ لوگو ۾ نالو ۽ نشاني ٻئي الڳ مارڪيٽنگ لاءِ استعمال ڪري سگھجن ٿا. 

4.      رنگن ۽ فانٽن جي چونڊ:

توھان پنھنجي برانڊ، ڪمپني يا اداري جو لوگو ٺھرائڻ کان اڳ رنگن (ڳاڙھو، نيرو، سائو وغيرہ) ۽ فانٽ (سادہ، بولڊ، تخليقي وغيرہ) جي چونڊ يا ان بابت اڳ ۾ فيصلو ڪرڻ گھرجي.

5.      لوگو ٺاھڻ يا ٺھرائڻ لاءِ وقت جي حد:

لوگو جي معيار لاءِ وڌيڪ وقت ڏيڻ سان ڊزائين وڌيڪ پروفيشنل ۽ تخليقي ٿي سگھي ٿي. تڪڙي ڪم لاءِ سروس مھيا ڪندڙ کي واضح ھدايتون ڏيو جيئن وقت سر ڪم مڪمل ٿي سگھي.

6.      اضافي صلاحيتون:

لوگو ڪٿي استعمال ڪيو ويندو جيئن ڪارڊ، ويب سائيٽ، پوسٽر وغيرہ لاءِ اھو طئي ڪرڻ لازم آھي، فائينل لوگو ڪھڙي فائل)  PNG JPEG يا Vector Format (  ۾ گھرجي اھو پڻ طئي ڪرڻ لازم آھي.


Order Now