1.
سوال: توهان ڪهڙيون خدمتون
مهيا ڪندا آهيو؟
جواب: اسان ڇپائي جو ھر ڪم ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتابن جي ڪمپوزنگ ڪندا آھيون.
2. سوال: آرڊر ڏيڻ ڇا ڪرڻو پوندو؟
جواب: آرڊر ڏيڻ لاءِ:
·
ويب سائيٽ تي موجود نمبرن تي رابطو ڪري سگھو ٿا.
·
سڌو واٽس ايپ تي پڻ رابطو ڪري سگھو ٿا.
·
اسان جي دڪان تي شخصي طور تي پڻ اچي سگھو ٿا.
3. سوال: آرڊر مڪمل ٿيڻ ۾ ڪيترو وقت
لڳندو؟
جواب: آرڊر جي نوعيت ۽ مقدار تي منحصر آھي.
4. سوال: ڇا توھان آن لائين ڊزائين
جون خدمتون فراھم ڪندا آھيو؟
جواب: بلڪل، اسان آن لائين ڊزائين (سماجي رابطن تي مشھوري لاءِ) جون خدمتون پڻ پيش
ڪندا آھيون. توھان پنھنجي ضرورت مطابق تفصيل ۽ مواد اسان کي موڪلي سگھو ٿا ۽ اسان
توھان کي بھترين ڊزائين تيار ڪري موڪلينداسين.
5. سوال: رقم (پئمينٽ) جي ادائيگي ڪيئن
ڪجي؟
جواب: ادائيگي جا ھيٺيان آپشن موجود آھن.
·
ڪيش ادائگي دڪان تي
·
آن لائين ٽرانسفر (بينڪ، ايزي پيسا، جاز ڪيش)
·
ادائيگي جو طريقو آرڊر ڏيڻ وقت پڻ طئي ڪري سگھجي ٿو.
6. سوال: ڇا توھان نموني لاءِ ڊزائين
مھيا ڪندا آھيو؟
جواب: ھا، اسان پھرين موجود ڊزائين يا ڊرافٽ وغيرہ ڏيکاريندا آھيون، ان کان علاوہ
ڊزائين جو نمونو مھيا ڪندا آھيون. جيڪڏھن گراھڪ کي تبديلي جي ضرورت آھي تہ اسان
تبديليون ڪريون ٿا ۽ پوءِ ڇپائي شروع ڪندا آھيون.
7. سوال: توھان جي دڪان جو ھنڌ ڇا
آھي؟
جواب:
آزاد پرنٽرز، پريس مارڪيٽ کيڙا بازار ويجھو مين روڊ مورو، سنڌ
ويب سائيٽ تي (QR Code) اسڪين ڪري
معلوم ڪري سگھو ٿا.
گوگل ميپ ذريعي بہ توھان اسان تائين پھچي سگھو ٿا.
8. سوال: ڇا توھان جي خدمتن تي ڪا خاص
آڇ يا رعايت موجود آھي؟
جواب: ها،
وقت بوقت خاص آڇون ۽ رعايتون مهيا ڪيون وينديون آهن. تازن آڇن بابت ڄاڻڻ لاءِ اسان
جي ويب سائيٽ يا سوشل ميڊيا تي نظر رکو.
9. سوال: ڇا توهان
وڏن آرڊرن لاءِ رعايت فراهم ڪندا آهيو؟
جواب: ها، وڏن آرڊرن تي خاص رعايت فراهم ڪئي ويندي
آهي. وڌيڪ معلومات لاءِ اسان سان رابطو ڪريو.
10. سوال: ڇا توھان ڊزائين لاءِ اضافي
چارج لڳندي آھي؟
جواب: ڊزائين جي نوعيت ۽ پيچيدگي تي منحصر آھي. بنيادي ڊزائين لاءِ مفت صلاح ڏني
ويندي پر پيچيدہ يا ڪسٽم ڊزائين لاءِ معمول مطابق چارج لاڳو ٿيندو.
وڌيڪ سوالن لاءِ اسان سان اي ميل (azadpressmoro@gmail.com) تي رابطو ڪندا.